Categories
سوشل ميڊيا صحت

ايران ۾ ڪرونا وائرس جو پهچڻ پاڪستان لاءِ هڪ وڏي خطري جي گهنٽي

ايران ۾ ڪرونا وائرس جو پهچڻ پاڪستان لاءِ هڪ وڏي خطري جي گهنٽي آهي. جيتوڻيڪ عمران خان جي حڪومت ان وائرس کي روڪڻ جي بنيادي ڪوششن ۾ سنجيدگي سان رُڌل به آهي ۽ ڪامياب به ٿي رهي آهي پر تازو ايران ۾ ان وائرس جي موجودگي سان پاڪستان کي ڄڻ ته سڌي ريت چِتاءُ ملي رهيا آهن ته اسان کي وڌيڪ منظم نموني ان تي ڌيان ڌرڻو پوندو

ايران ۾ ڪرونا وائرس جو پهچڻ پاڪستان لاءِ هڪ وڏي خطري جي گهنٽي آهي. جيتوڻيڪ عمران خان جي حڪومت ان وائرس کي روڪڻ جي بنيادي ڪوششن ۾ سنجيدگي سان رُڌل به آهي ۽ ڪامياب به ٿي رهي آهي پر تازو ايران ۾ ان وائرس جي موجودگي سان پاڪستان کي ڄڻ ته سڌي ريت چِتاءُ ملي رهيا آهن ته اسان کي وڌيڪ منظم نموني ان تي ڌيان ڌرڻو پوندو.

ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ عوامي رابطو غيرقانوني نموني به گهڻو آهي. جنهن جو مثال تيل جي غيرقانوني تجارت يعني سمگلنگ آهي. الله معاف ڪري اگر اهو وائرس غيرقانوني رستي پاڪستان داخل ٿئي ٿو ته پوءِ ان جي بچاءُ جو بندوبست اسان وٽ بلڪل به ڪونهي ۽ نه ئي اسان جي ماڻهن کي ڄاڻ به آهي ته ان وائرس جي پکڙجڻ کي ڪيئن روڪجي.
پاڪستان جي حڪومت ته وڌ کان وڌ قانوني هنڌن ته چيڪ پوسٽس ٺاهي ايندڙ ويندڙ ماڻهن تي پابندي مڙهي سندن طبي چڪاس ڪري سگهي ٿي پر جيڪي ٻنهي ملڪن جي سرحدن تي انيڪ غيرقانوني رستا ۽ لنگھ آهن انهن تي ٿيندڙ چرپر کي ڪير چڪاسيندو؟
هڪ تمام وڏو خطرو پاڪستان کي پيش اچي چڪو آهي.
جيسيتائين ماڻهون خاص طور اسان جون متحرڪ سول سوسائيٽيون نه جاڳنديون ۽ جاڳڻ ۾ دير ڪنديون تيسين تائين تمام گهڻي دير ٿي چُڪي هوندي. ان لاءِ ڇا ٿيڻ گهرجي؟

ڪورونا وائرس جي خلاف ویڪسین
ڪورونا وائرس جي خلاف ویڪسین

1. سول سوسائٽي کي وفد جي صورت ۾ ڊي سي صاحبان يا متعلقه ڪامورن سان ملي مشڪوڪ لنگھ ۽ گذرگاهن جي نشاندهي لاءِ اسڪيننگ ٽائيٽ ڪرڻ لاءِ ميٽنگ ڪرڻ گهرجي. خاص طور سنڌ جا اهي شهر جيڪي آساني سان ايران پاڪستان اچ وڃ لاءِ آسان آهن. اهڙن شهرن ۾ شهدادڪوٽ، قبو سعيد خان، ڪچي پل، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، ٺل، جيڪب آباد، ڳڙهي خيروبه شامل آهن جٿ ايراني تيل جو رسڻ بنھ آسان هجي ٿو.

2. اين جي اوز کي هڪدم جاڳرتا مهم لاءِ پروجيڪٽ پاس ڪرائڻ گهرجن. عالمي صحت جي اداري طرفان پيش ڪيل حفاظتي طريقيڪار کي ماڻهن تائين پهچائجي. ضروري ته ڪونهي جو ان مرض جي اچڻ کان پوءِ ان تي ڪم ڪجي پر ان کي اچڻ کان اڳ ان جي روڪ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اين جي اوز جي دوستن کي پنهنجن لاڳاپيل ادارن سان خط و ڪتابت شروع ڪرڻ گهرجي.

3. سوشل ميڊيا تي مڪمل مهم هلايو دوستو. سنڌي ۾ خاص مهم هلايو جو اوهان وٽ جيڪي صحت جون سهولتون موجود آهن انهن کان اوهان واقف آهيو. اسپتالن ۾ ڪتي جي ڏاڙهڻ جو جٿ ويڪسين ڪون هجي اتي هن اڻمعلوم ۽ موتمار وائرس لاءِ ڇا هوندو، اوهان اندازو ڪري سگهو ٿا. هن وائرس بابت جيڪي به معلومات ملي اوهان کي سو شيئر ڪندا رهو ۽ سنڌي ۾ ترجمان ڪري پيش ڪيو.

4. سنڌي اخبارون ۽ رسالا، ٽي وي چينل ۽ ايف ايم ريڊيو ان مهم کي تمام جلدي شروع ڪن ۽ ان کان احتياط جا طريقا عام ماڻهون تائين پهچائن. في الحال ان مرض جو ويڪسين موجود ڪونهي ۽ اڃان بناوت جي مرحلي منجھ آهي.

5. سياسي تنظيمن جا سربراھ ان وائرس جي روڪ لاءِ پنهنجي پارٽي جي ذميوارن کي پابند بڻائين ته اوهان جاڳرتا مهم لاءِ شهر جي چونڪن تي هڪ روزه يا 3 روزه ڪئمپس لڳايو ۽ پمفليٽ به ورهايو ڇو ته ماڻهون اهم آهن سائين.

6. مذهبي مدارس. مندر ۽ گرجاگهر سميت گُردوارا جٿ روزانو جي بنياد تي گڏجاڻيون ٿين ٿيون اتي اسان جا مذهبي اڳواڻ ان مرض جي بچاءُ جي طريقن تي به درس ڏين، خطبا پيش ڪن ۽ پاٺ پڙهائين.

خطرو تمام وڏو آهي ۽ سهولتن جي اڻاٺ آهي. ٻيلي جاڳو! خدارا جاڳو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *