خوشبو جهڙو شاعر ايوب کوسو
ادب,  شاعر

سن جي مٽي جي خوشبو جهڙو شاعر

سن جي مٽي جي خوشبو جهڙو شاعر ۽ منهنجو جگري يار ايوب کوسو نہ رڳو منهنجو هم عصر شاعر آھي پر هو منهنجي دل جي مسافر خاني ۾ قيام پذير چند اهم ترين مسافرن منجهان هڪ آهي

خوشبو جهڙو شاعر ايوب کوسو
سن جي مٽي جي خوشبو جهڙو شاعر ۽ منهنجو جگري يار ايوب کوسو

اسان 1993-94 واري دٶر ۾ بسنت هال حيدآباد ۾ گڏ شاعريون لکندا ۽ پڙھندا هئا سين انهن ڏينهن ۾ ايوب جهڏي جي ڪنيزن سان نينهن نڀائيندو رهيو تہ آئون وري ڄام شوري جي ڇڙواڳ هوائن سان دل لڳيون ڪندو هئس ۽ ڄام شوري جي ڪنهن مورڻيءَ سان دلين جا کيل کيڏندو هئس

اڳتي هلي مونکي ڪا اهڙي نوڪري ملي جو صبح اٺ بجي کان رات اٺ بجي تائين فيلڊ فيلڊ ۽ بس فيلڊ پر ان دوران سنڌي ٻولي جو هي محبوب شاعر شاعري جي ميدان ۾ انتهائي سگهارو نانءُ ٿي اڀريو ۽ مان سمجهان ٿو اڄ جي دٶر ۾ سنڌ ۾ ايوب جي قد جو ڪو شاعر شايد ئي هجي.

ایوب جتي سنڌو جي سڪل پيٽن ڍنڍن ۽ ڍورن تي لکيو اتي وڇوڙن ۾ ٿي ويل محبوب جي گهِرگهلن ڇلن تي بہ لکيو هن جتي سنڌ جي نياڻين سان ٿيندڙ انياء تي لکيو تہ اتي ڪاسبي جي ڪنوارين جي نٿن بولن ۽ گجن تي بہ لکيو هن جتي ڪاهو ۽ موهن جي دڙن تي لکيو تہ اتي ٿاريلين جي دلبر گهڙن ۽ پڙن تي بہ لکيو هن جتي پوڙھن هٿن سان رونداڙيل معصوم اُرهن تي لکيو تہ اتي وري جواني جي پُر سُرور ٿڌين چمين ۽ چَڪن تي بہ لکيو مٽي جا ماڻھن سان محبت تہ ڄڻ ھن ماڻھو جو مذھب هجي هن شخص محبتن ۾ ڪيترو لوڙھيو ۽ ڀوڳيو آهي

Engineer Asghar Samejo
Writer Asghar Samjeo

سندس لفظ لفظ ان جو گواھ آھي عشق جي آڙاھ ۾ رچي ريٽو ٿيل منهنجي هن دلبر دوست جي شاعري آئون سدائين پنهنجي وال تان شيئر ڪندو رهندو آھيان اڄ مان پنهنجي آواز ۾ ايوب جو هڪ نظم اپلوڊ ڪري رهيو آھيان هن جا درد ڀريا لفظ تہ اوهانکي هُئين وڻندا گڏ منهنجي آواز ۾ جي ڪو ٿورو سُرور محسوس ڪريو تہ

Courtesy and Wrote by Asghar Samejo

اشاري واري آڱري کي لائيڪ واري بٽڻ سان ضرور ملائجو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *