ڪورونا وائرس جي خلاف ویڪسین جي تياري

It’s mind-blowing to think about the multitude of animals that exist in this world.


ڪورونا وائرس جي خلاف ویڪسین جي انسانن تي آزمائش ايندڙ مھيني کان شروع ٿي ويندي

ترجمو: بشير احمد سومرو

برطانیه جي امپيریل ڪاليج جي طرفان فيبروري جي وچ کان وٺي جانورن تي ھڪ ویڪسین جي آزمائش ٿي رهي آهي 75H

۽ ان کان پوءٍ اپريل ۾ انسانن تي آزمائي ويندي. ٻئّي طرف آمريڪي ڪمپني موڊرینا اورانویو پڻ ٻڌايو تہ ان جي ویڪسین انسانن تي آزمائش ايندڙ مھيني شروع ڪندي.
امپيریل ڪاليج ۾ تحقيق ڪندڙن جنوري ۾  ڪورونا وائرس جي خلاف ویڪسین جي تياري  تي ڪم شروع ڪري ڏنو ھيو جڏهن چيني سائنسدانن ڪورونا وائرس جي جینیاتي معلومات پڌري ڪئي ھئي. جيڪڏهن ھن ويڪسين جي انسانن تي آزمائش ڪامیاب ٿئي ٿي تہ پوءٍ تحقيق ڪندڙّ ھن ويڪسين کي اھڙن ماڻهن تي آزمائيندا جن کي انفيڪشن کان خطرو ھوندو

امپيريل ڪاليج

امپيریل ڪاليج جي پروفیسر روبن شٽوڪ ۽ ھن جي ٽيم چين مان حاصل ڪيل وائرس جي جینیاتي ترتيب کان پوءٍ 14 ڏينھن ۾ ھن ويڪسين کي تيار ڪيو ھيو ۽ پوء 10 فيبروري کان جانورن تي آزمائش ڪئي پئي وڃي. روایتي اینٽي باڊي ویڪسین جي ابتڙ امپيریل ڪاليج ۾ تيار ٿيندڙ ویڪسین نئين جینیاتي ڪوڊ کي مشڪ ۾ انجیڪٽ ڪيو ٿو وڃي جنھن کي اھڙي پروٽين مان تيار ڪيو ٿو وڃي جيڪا ڪورونا وائرس جي سطح تي دريافت ٿي آهي جنھن ۾ جسم جي اندر ھڪ مدافعتي ردعمل پیدا ٿي سگھي

pokemon-walk

پروفیسر روبن جي مطابق

پروفیسر روبن جي مطابق اسان وٽ اھڙي ٹیڪنالاجي موجود آهي جيڪا ڪنھن بہ ویڪسین کي اھڙي رفتار ۾ مدد ڏئي ٿي جنھھن جو احساس پھريان ڪڏهن بہ نہ ڪيو ويو هيو. پروفیسر روبن وڌيڪ چيو تہ اڪثر ویڪسین جي دريافت ۾ 5 کان 6 سال لڳي ويندا آهن يعني پھريان ھڪ کان ٻہ سال تائين ویڪسین جي تياري ۾ لڳندا آهن جنھن کان پوءٍ آزمائش شروع ٿي ويندي آهي.
ھونئن ھيءّ برطانيه جي واحد یونیورسٽي نہ آهي پر ڪيترين ئي یونیورسٽین ۾ ویڪسین جي تیاري تي ڪم ٿي رهيو آهي. ڪیمبرج یونیورسٽي جي وائرل زونیٽیڪس لیبارٽري جي پروفیسر جوناٿن ہیني جي مطابق ان جي ٽيم ویڪسین جي ڪلينڪ کان اڳ واري مرحلي ۾ آهي ۽ تيزيءّ سان اڳتي وڌي رهي آهي. ساڳٍي طرح آڪسفورڊ یونیورسٽي ۾ بہ ویڪسین تي ڪم ٿي رهيو آهي.

giphy

ان کان پھريان ڪجھ ڏينھن اڳ مختلف دواساز ڪمپنین جي وفد امریڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪري ویڪسینن ۽ اینٽي وائرل دوائن جي جلدي تياريءّ جو يقين ڏياريو. ھن وقت تائين سڄي دنيا ۾ 35 ڪمپنیون ۽ ادارا ڪم ڪن ٿا. آمريڪي نیشنل انسٽیٽيوٽ آف الرجی اینڊ انفیڪشیز ڊزیز جي سربراہ ڊاڪٽر انٿونی فیوسي ٻڌايو تہ انساني آزمائشن جي شروعات 6 ھفتن جي اندر ٿي سگھي ٿي جڏهن تہ ویڪسین 12 کان 18 مھينن تائين تيار ٿي ويندي

انویوڪمپني جي سي اي او جي مطابق ان جي ویڪسین جي جانورن تي آزمائش ٿي رھي آهي ۽ ھلندڙ سال جي آخر تائين ان جا 10 لک ڊوز تيار ٿي ويندا. ھڪ ٻي آمریڪي ڪمپني موڊرینا جي طرفان اپريل ۾ 45 ماڻھن تي ویڪسین جي آزمائش شروع ٿي ويندي ۽ ان جو چوڻ آهي تہ ايندڙ سال فيبروري تائين ھيءّ ویڪسین عام ٿي ويندي. ڪوئينز يونيورسٽيءّ جي طرفان بہ ویڪسین کي جانورن تي آزمایو ٿو وڃي جڏهن تہ ھڪ اسرائیلي اداري ايندڙ 8 کان 10 ھفتن ۾ انسانن تي پڻ آزمائي ويندي.

چين جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي نائب وزیر شو نان پنگ پڻ تصدیق ڪئي آهي تہ اپریل جي آخر تائين ويڪسين انسانن تي پڻ آزمائي ويندي. انھن سڀني تحقيقي ادارن ۾ ٿيندڙ ڪوششن کان ھٽي ڪري بہ ھي چيو ٿو وڃي تہ ھڪ اثرائتي ويڪسين جي تياري ۾ گهڻو وقت گُھربل آهي. ٿي سگھي ٿو تہ شروع ۾ ھي ويڪسين طبي عملي ۽ شدید بیمار ماڻھن جي لاءٍ مخصوص ھجي.

ھن وقت تائن ان حوالي سان سڀ کان بھتر Remdesivir نالي اينٽي وائرل دوا کي قرار ڏنو ٿو وڃي جنھن جي آزمائش آمريڪا جي نیشنل انسٽیٽيوٽ آف ھیلٿ ۾ 13 مریضن تي ٿي رهي آهي. چين جي طرفان ھڪ اینٽي وائرل دوا Favilavir جي استعمال جي بہ منظوري ڏني وئي آهي جڏهن تہ اتي Chloroquine، Phosphate ۽ Remdesivir بہ آزمائش ٿي رهي آهي

4. Youtube Responsive Embed

https://vimeo.com/397105213


Like it? Share with your friends!

What's Your Reaction?

hate hate
0
hate
confused confused
0
confused
fail fail
0
fail
fun fun
0
fun
geeky geeky
0
geeky
love love
0
love
lol lol
0
lol
omg omg
0
omg
win win
0
win
admin

0 Comments

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Choose A Format
Personality quiz
Series of questions that intends to reveal something about the personality
Trivia quiz
Series of questions with right and wrong answers that intends to check knowledge
Poll
Voting to make decisions or determine opinions
Story
Formatted Text with Embeds and Visuals
List
The Classic Internet Listicles
Countdown
The Classic Internet Countdowns
Open List
Submit your own item and vote up for the best submission
Ranked List
Upvote or downvote to decide the best list item
Meme
Upload your own images to make custom memes
Video
Youtube, Vimeo or Vine Embeds
Audio
Soundcloud or Mixcloud Embeds
Image
Photo or GIF
Gif
GIF format