Categories
سوشل ميڊيا مضمون

سوشل ميڊيا ۽ رواجي ميڊيا تي عورت مارچ

ڪجھ وقت اڳ سوشل ميڊيا ۽ رواجي ميڊيا تي عورت مارچ جيڪو 8 مارچ تي ٿيڻو آهي ان بابت ڪافي بحث مباحثه گردش ۾ پئي رهيا جن ۾ عورتن جي جماعتن طرفان سسٽم خلاف ڪجھ مطالبا به هئا. انهن مطالبن ۾ ڪجھ اهڙا به مطالبا هئا جن لاءِ سياسي سماجي طور متحرڪ ڪافي مرد هڪ عرصهِ دراز کان لب ڪُشا آهن مثال طور جاگيردارانه سسٽم جو خاتمو، جرڳو سسٽم وغيره. تڏهن ائين پئي لڳو ته هي جنگ ۽ جدوجهد ڪجھ نقطن ۾ مرد ۽ عورت جي گڏيل جنگ۽ جدودجهد هئي ۽ ان جي مخالفت ۾ ڪنهن نعري کي بنياد بڻائي مذهبي تنظيمن پنهنجو اختلاف رکيو ۽ پهريون مخالف ميدان ۾ آيو جيڪو بعد ازان ڳالهين کي سمجهڻ بعد پنهنجي موقف ۾ نرمي آندي.

سوشل ميڊيا ۽ رواجي ميڊيا تي عورت مارچ


پر هڪ اڌ ڏينهن کان وٺي اها جدوجهد جيڪا هڪ سسٽم کان لڳي پئي اها فوري طور تي ڊرامائي انداز سان سوشل ميڊيا تي هڪ ٽي وي جي پروگرام کان بعد تبديل ٿي وئي، جنهن ۾ تازو مشهور ٿيل ٽي وي ناٽڪ ميري پاس تم هو جي ليکڪ خليل الرحمان قمر ۽ عورت حقوق جي هڪ مضبوظ آواز مارئي سرمد جي وچ ۾ ٿيل گارين جهڙي گفتگو کي ماڻهن لائيو ٻڌو ۽ اهو ويڊيو ڪلپ تمام گهڻو وائرل ٿيو ۽ سوشل ميڊيا تي گارين جو سلسلو تمام تيزي سان ٽرينڊ وٺڻ لڳو آهي.

عورت ۽ مرد جي گڏيل غلامي

اها جنگ جيڪا سسٽم جي خلاف هئي هاڻ اها جنگ صرف مرد ۽ عورت جي وچ ۾ ڄڻ لڳي رهي آهي ۽ پهريون ڀيرو ڄڻ ته مرد حضرات کي خليل الرحمان جي روپ ۾ پنهنجو نمائندو ملي چڪو آهي.
سوشل ميڊيا تي اوهان کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهون ملندا جيڪي همت ڪري عورتن جي حقوق جي باري ۾ لکندي ڳالهائيندي ملندا جن مان ڪجھ مرد آهن ته ڪي عورتون. انهن مرد ۽ عورتن جو تعلق اڪثر انهن تنظيمن سان آهي جيڪي ڪافي وقت کان عورتن جي حقوق لاءِ متحرڪ آهن. پر سوشل ميڊيا ته هڪ وڏي تعداد انهن ماڻهن جي آهي جيڪي تمام تيزي سان متحرڪ ٿي خليل قمر سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي کيس سلامي پيش ڪندي چون ٿا ته تو جيڪو چيو، جيڪو ڪيو زبردست ۽ صحيح ڪيو، اسان توسان گڏ آهيون ۽ سوشل ميڊيا ته عورتن جي حقوق جي ڳالھ ڪندڙن کي شديد مخالفت کي منهن ڏيڻو ٿو پوي.
هڪ سسٽم جي خلاف واري جنگ کي ائين سڌي ريت مرد ۽ عورت جي جنگ ۾ تبديل ٿيڻ ڪهاڻي ۾ ٽويسٽ جي پيدا ٿيڻ کان گهٽ ڪونهي

تاريخي سچ ته تبديلي اڻٽر آهي

اسان تاريخ ما ڇا سکيو آهي؟ اهو ئي نه ته تبديلي اڻٽر آهي! سچ کي جيترو دٻايو ويندو آهي هڪ ڏينهن اهو ضرور ٻاهر ايندو آهي! مارڪيٽ ۾ موجود شيون تبديلين کي طئي ڪنديون آهن. تبديلي سچ آهي! ان کي روڪڻ اسان جي ڪنهن جي به هٿ ڪونهي.
لوڪوموٽِو انجڻ جي تخليق کان پوءِ فاصلن کي طئي ڪرڻ وارين رواجي سوارين جو جيئن تيزي سان خاتمو ٿيو ته زمانو فوري طور تبديل ٿيڻ لڳو.

ڏاندن سان زمينن تي هر ڪاهڻ کي مارڪيٽ ۾ موجود ٽريڪٽر ۽ لوهن هرن تمام پوئٽي ڌڪي ڇڏيو.
ڪو وقت هو جڏهن ٽي وي ۽ ٽي وي کان پوءِ وي سي آر جي خلاف جيڪا باھ ٻري اها انهن ڏينهن ۾ بلڪل ائين هئي جيئن هي انسانن (مرد ۽ عورت) جي حقوق جي ڳالھ. ان کان بعد ڊش اينٽينا لاءِ طوفان کڙو ٿيو. ان وقت ماڻهن کي ڇا خبر ته اڳيان موبائلن وارو ڊجيٽل دور به سندن استقبال لاءِ بيٺو آهي.
مونکي ياد آهي ته ڪجھ نين نين مذهبي تنظيمن جي اچڻ کان پوءِ اسان جي مِٽن مائٽن جو ان ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ گهر جي ٽي وين کي ڀڳو ويو. فيملي فوٽوز کي ساڙيو ويو جيڪي ننڍپڻ جا يادگار ڦوٽو هئا. پر ٿوري ئي عرصي ۾ تبديلي پنهنجا ڪر موڙيا ۽ مذهبي تنظيمن پنهنجا ٽي وي چينل شروع ڪيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي جن گهرن ۾ ٽي وي ڀَڳا ٿي ويا اتي نيا ٽي وي اچڻ لڳا ۽ مدني پروگرام ڏسجڻ لڳا.


موبائيل جي عام ٿيڻ کان پوءِ جيڪي مولوي ڦوٽو جي مخالفت ڪندا هئا تن پنهنجا ڦوٽو فيسبوڪ سميت ٻين نيٽورڪس تي رکڻ شروع ڪيا. وقت اتي بيٺو ته ڪون رهيو پر اسان جي بچپن جا ڦوٽو ساڙي پاڻ سان کڻي هليو ويو.
جيڪي ڪجھ وقت اڳ اٽي ۾ لوڻ برابر ماڻهون حقوق جون ڳالهيون لڪي لڪي ڪندا هئا تن جو تعداد ايترو وڌي ويو جو هو سرِعام هڪ وڏي تعداد ۾ روڊن ته جلسا جلوس به ڪرڻ لڳا آهن.
وقت تيزي سان مَٽجي رهيو آهي ڇو ته مارڪيٽ ۾ تيزي سان شيون اچي رهيون آهن جن جو استعام Taboo ناهي.

سوشل ميڊيا ۽ رواجي ميڊيا تي عورت مارچ
سوشل ميڊيا ۽ رواجي ميڊيا تي عورت مارچ

شين جو نعم البدل

اگر ڪنهن کي مقابلو ڪرڻو آهي ته اهو شين سان مقابلو ڪري نه ڪي صارفين سان. شين جو نعم البدل آڻڻ گهرجي نه ڪي نعرن جو.

اهو وقت پري ناهي جڏهن هر ڪنهن کي ماڻهون سمجهيو ويندو. ماڻهن جو پاڻ ۾ ڪو رشتو ڪون هوندو بس تعلق هوندو. هر ڪو سخت مقابلي ۾ هوندو. هر ڪو پنهنجي جياپي جي جنگ ۾ ايترو رڌل هوندو جو ڪوئي ڪنهن لاءِ سوچيندو به ڪون. ان جا محرڪات هاڻي سان ئي شروع ٿي چڪا آهن. هڪ وڏي ڀڃ ڊاھ اڳيان انتظار ڪري رهي آهي. ان ۾ فائدو انهن جوٿيندو جيڪي منافقت نه ڪندا. جيڪي زبان تي مذهب ۽ دل ۾ گوگل سرچ ۾ پورنو ڳولا نه ڪندا پر اندريان ٻاهران هڪ هوندا.

هن مضمون جو ليکڪ منصور جروار آهي. هي لکڻي سندس فيسبوڪ پيج تي شايع ٿيل آهي. سندس شاعري محبتن ۾ مرضيون نه هلنديون آهن صاحب پڙهڻ لاءِ ڪلڪ ڪندا. فيسبوڪ تي اسان جي سنڌي ايڊيٽر پيج کي پسند ضرور ڪندا

Categories
سوشل ميڊيا صحت

ايران ۾ ڪرونا وائرس جو پهچڻ پاڪستان لاءِ هڪ وڏي خطري جي گهنٽي

ايران ۾ ڪرونا وائرس جو پهچڻ پاڪستان لاءِ هڪ وڏي خطري جي گهنٽي آهي. جيتوڻيڪ عمران خان جي حڪومت ان وائرس کي روڪڻ جي بنيادي ڪوششن ۾ سنجيدگي سان رُڌل به آهي ۽ ڪامياب به ٿي رهي آهي پر تازو ايران ۾ ان وائرس جي موجودگي سان پاڪستان کي ڄڻ ته سڌي ريت چِتاءُ ملي رهيا آهن ته اسان کي وڌيڪ منظم نموني ان تي ڌيان ڌرڻو پوندو.

ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ عوامي رابطو غيرقانوني نموني به گهڻو آهي. جنهن جو مثال تيل جي غيرقانوني تجارت يعني سمگلنگ آهي. الله معاف ڪري اگر اهو وائرس غيرقانوني رستي پاڪستان داخل ٿئي ٿو ته پوءِ ان جي بچاءُ جو بندوبست اسان وٽ بلڪل به ڪونهي ۽ نه ئي اسان جي ماڻهن کي ڄاڻ به آهي ته ان وائرس جي پکڙجڻ کي ڪيئن روڪجي.
پاڪستان جي حڪومت ته وڌ کان وڌ قانوني هنڌن ته چيڪ پوسٽس ٺاهي ايندڙ ويندڙ ماڻهن تي پابندي مڙهي سندن طبي چڪاس ڪري سگهي ٿي پر جيڪي ٻنهي ملڪن جي سرحدن تي انيڪ غيرقانوني رستا ۽ لنگھ آهن انهن تي ٿيندڙ چرپر کي ڪير چڪاسيندو؟
هڪ تمام وڏو خطرو پاڪستان کي پيش اچي چڪو آهي.
جيسيتائين ماڻهون خاص طور اسان جون متحرڪ سول سوسائيٽيون نه جاڳنديون ۽ جاڳڻ ۾ دير ڪنديون تيسين تائين تمام گهڻي دير ٿي چُڪي هوندي. ان لاءِ ڇا ٿيڻ گهرجي؟

ڪورونا وائرس جي خلاف ویڪسین
ڪورونا وائرس جي خلاف ویڪسین

1. سول سوسائٽي کي وفد جي صورت ۾ ڊي سي صاحبان يا متعلقه ڪامورن سان ملي مشڪوڪ لنگھ ۽ گذرگاهن جي نشاندهي لاءِ اسڪيننگ ٽائيٽ ڪرڻ لاءِ ميٽنگ ڪرڻ گهرجي. خاص طور سنڌ جا اهي شهر جيڪي آساني سان ايران پاڪستان اچ وڃ لاءِ آسان آهن. اهڙن شهرن ۾ شهدادڪوٽ، قبو سعيد خان، ڪچي پل، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، ٺل، جيڪب آباد، ڳڙهي خيروبه شامل آهن جٿ ايراني تيل جو رسڻ بنھ آسان هجي ٿو.

2. اين جي اوز کي هڪدم جاڳرتا مهم لاءِ پروجيڪٽ پاس ڪرائڻ گهرجن. عالمي صحت جي اداري طرفان پيش ڪيل حفاظتي طريقيڪار کي ماڻهن تائين پهچائجي. ضروري ته ڪونهي جو ان مرض جي اچڻ کان پوءِ ان تي ڪم ڪجي پر ان کي اچڻ کان اڳ ان جي روڪ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اين جي اوز جي دوستن کي پنهنجن لاڳاپيل ادارن سان خط و ڪتابت شروع ڪرڻ گهرجي.

3. سوشل ميڊيا تي مڪمل مهم هلايو دوستو. سنڌي ۾ خاص مهم هلايو جو اوهان وٽ جيڪي صحت جون سهولتون موجود آهن انهن کان اوهان واقف آهيو. اسپتالن ۾ ڪتي جي ڏاڙهڻ جو جٿ ويڪسين ڪون هجي اتي هن اڻمعلوم ۽ موتمار وائرس لاءِ ڇا هوندو، اوهان اندازو ڪري سگهو ٿا. هن وائرس بابت جيڪي به معلومات ملي اوهان کي سو شيئر ڪندا رهو ۽ سنڌي ۾ ترجمان ڪري پيش ڪيو.

4. سنڌي اخبارون ۽ رسالا، ٽي وي چينل ۽ ايف ايم ريڊيو ان مهم کي تمام جلدي شروع ڪن ۽ ان کان احتياط جا طريقا عام ماڻهون تائين پهچائن. في الحال ان مرض جو ويڪسين موجود ڪونهي ۽ اڃان بناوت جي مرحلي منجھ آهي.

5. سياسي تنظيمن جا سربراھ ان وائرس جي روڪ لاءِ پنهنجي پارٽي جي ذميوارن کي پابند بڻائين ته اوهان جاڳرتا مهم لاءِ شهر جي چونڪن تي هڪ روزه يا 3 روزه ڪئمپس لڳايو ۽ پمفليٽ به ورهايو ڇو ته ماڻهون اهم آهن سائين.

6. مذهبي مدارس. مندر ۽ گرجاگهر سميت گُردوارا جٿ روزانو جي بنياد تي گڏجاڻيون ٿين ٿيون اتي اسان جا مذهبي اڳواڻ ان مرض جي بچاءُ جي طريقن تي به درس ڏين، خطبا پيش ڪن ۽ پاٺ پڙهائين.

خطرو تمام وڏو آهي ۽ سهولتن جي اڻاٺ آهي. ٻيلي جاڳو! خدارا جاڳو