Categories
شاعر شاعري

منهنجا هوندي به اوهان منهنجا لڳو نٿا

منهنجا هوندي به اوهان منهنجا لڳو نٿا غزل منصور جروار جو لکيل آهي. جيڪو سندس فيسبوڪ پروفائيل پيج تان کنيل آهي. سندس سنڌي شاعري ۾ غزل محبتن ۾ مرضيون ناهن هلنديون صاحب پڙهڻ نه وساريندا. اسان جي سنڌي ايڊيٽر کي پڻ پسند ڪندا ۽ اوهان هن ويبسائيٽ لاءِ ڪجھ لکڻ چاهيو ته اسان سان ضرور رابطو ڪندا

منهنجا هوندي به اوهان منهنجا لڳو نٿا

منهنجا هوندي به اوهان منهنجا لڳو نٿا
ڪيو ٿا بي وفائي پر بي وفا لڳو نٿا

فنڪاري جي به هڪ حد هوندي آ
دل آزاري جي به هڪ حد هوندي آ
لباسن جيان دوستن کي مٽائڻ جي مٺي
رسم ڪاري جي به حد هوندي آ

جادوگر حسن اوهان جو آ اهڙو جو
ڪُوڙا هوندي به اوهان ڪُوڙا لڳو نٿا

منهنجا هوندي به اوهان منهنجا لڳو نٿا
منهنجا هوندي به اوهان منهنجا لڳو نٿا

سوچڻ لئي هزارين ڀيرا سوچيو آهي
دل کي به تنهنجي خلاف ڪيو آهي
پر هي نقصان ڪيئن سهي سگهبو
جيون ۾ تو بنا ڪهڙو فائدو آهي

پر منهنجي فائدي نقصان جو توکي ڇا
ايترا اوهان اسانجا پنهنجا لڳو نٿا

Categories
ادب شاعر شاعري

محبتن ۾ مرضيون نه هلنديون آهن صاحب

منصور جروار جو غزل محبتن ۾ مرضيون نه هلنديون آهن صاحب

محبتن ۾ مرضيون نه هلنديون آهن صاحب
ايڏيون وضاحتون نه هلنديون آهن صاحب

تيسيتائين هلوگڏجي جيسيتائين هلي سگهوٿا
زور۽ زبردستيون نه هلنديون آهن صاحب

پيار آهي ڪو الهامي حرفِ آخر ته ناهي
ڪوڙيون دوستيون نه هلنديون آهن صاحب

مان توکي سهايان ۽ تون وري مونکي سهائين
فالتو هي حجتون نه هلنديون آهن صاحب

بار بڻجي رشتو ته کلي کڻي جدا به ٿجي
مسلسل رنجشون نه هلنديون آهن صاحب

محبتن ۾ مرضيون نه هلنديون آهن صاحب
محبتن ۾ مرضيون نه هلنديون آهن صاحب

مان توکي پرچايان ويٺو تون پرچين ئي نه
اهي رشتيداريون نه هلنديون آهن صاحب

توکي جنهن سان گهمڻو ڦِرڻو آ ڀل گهم ڦر
ڊرامائي چاهتون نه هلنديون آهن صاحب

هل ته کِلي هل وڃ ته مسڪرائي وڃ
زور جون مهنديون نه هلنديون آهن صاحب

مڃان ٿو تون ويندين تڪليف ته ٿيندي دل
پر رڳو رڪاوٽون نه هلديون آهن صاحب

سياڻو ٿي منصور وقت بدلجي رهيو آهي مٺا
بس ائين بندشون نه هلديون آهن صاحب

منصور جروار
Mansoor Jarwar